اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ غير قانوني، هڪ طرفي قدمن ۽ شهري آزادين کي معطل ڪرڻ والاريل وادي جي عوام جي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، عالمي برادري کي ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جي هٿان ڪش??يري عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادار ڪرڻ گهرجي، اقتصادي مفادن تي اخلاقي ا??ول?? کي قربان نه ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن يورپي يونين ملٽري ڪميٽي جي چيئرمين جنرل ڪلاڊي?? گرازيانو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.