اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندي پنهنجي عزم کي ور??اي?? آهي ته اسان پاڪستان جي موجوده صديءَ جي سڀ کان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهيون، اسان جي ٽيم ڏينهن رات صورتحال کي مانيٽر ڪري رهي آهي، وزيراعظم واضح ڪيو ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جيڪو پاڪستان کي ترجيحي بنيادن تي ضروري شيون مهيا ڪري رهي?? آهي، ڪرونا وائرس جي عالمي، علائقائي ۽ ملڪي سطح تي صورتحال جو جا??زو وٺندي وقت سر قدم کنيا پيا وڃن، عوام جي لاءِ م??اشي رليف پئڪيج ان سلسلي جي اهم ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته ڪرونا وائرس جي وبا پوري قوم جي لاءِ پريشاني جو سبب آهي، اسان هر رخ جو باقاعده جا??زو وٺي رهيا آهيون ۽ عوامي م??اد ۾ بهترين فيصلا ڪري رهيا آهيون.