اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جي باوجود کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بدر??ن اضافي جي رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته هن ان خواهش جو پڻ اظهار ڪيو آ??ي ته وڏا وزير ۽ چيف سيڪريٽريز ان معاملي کي ذاتي طور تي ڏسن. وزيراعظم عمران خان پاران وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ۽ نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي کي چيو ويو آ??ي ته ان ڳالهه جو ڪو منطق نه آ??ي ت?? جڏهن تازو ئي ڪڻڪ ??ي واڍيءَ ٿي آهي، اهڙي صورت ۾ اٽي جون قيمتون ڪيئن و??ي ويون.