اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پهرين والاريل ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش ۽ هاڻي 25 هزار هندستاني شهرين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ سميت والاريل وادي ۾ آبادي جو تناسب بدلائڻ جا سمورا ڀارتي حربا سراسر غير قانوني ۽ چوٿين جن??وا ڪنوينشن سميت عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي منافي آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون ان معاملي تي گ??يل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان رابطو ڪيو آهي ۽ آئون ٻين عالمي اڳواڻن سان به ڳالهائي رهيو آهيان. ان ناقابل قبول رخ ۾ ڀارت جي اڳڀرائي روڪڻ ضروري آهي، ان سان ڪشمير واسين جي قانوني ۽ عالمي طور تي ضمانت ٿيل حقن تي وڌيڪ راتاهو لڳندو. ۽ ڏ??ڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي ٿو.