مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهتو ۽ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، آزاد ڪشمير جي وز??را??ظم راجا فاروق حيدر، ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ڪشمير معاملن واري وزير علي امين گنڊاپور، پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال، آزاد ڪشمير جي وزيرن، قانونساز اسيمبلي ميمبرن، حريت ??انفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ۽ عوام جي ??ڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وز??را??ظم ڀارتي ظلمن جي خلاف شيهي جي ديوار بڻيل ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ شهيدن جي ياد ۾ ٺاهيل مزاحمتي وال جو افتتاح ڪيو. کيس هتي ان حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڪشمير جي شهيدن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ وز??را??ظم عمران خان جي مظفرآباد اچڻ تي هيلي پيڊ تي وز??را??ظم راجا فاروق حيدر ۽ صدر سردار مسعود خان سندس استقبال ڪيو.