اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته فوج حڪومتي پاليسين ??ان گڏ بيٺل آهي ۽ ماضي جي حڪومتن جي مقابلي ۾ فوج سان موجوده حڪومت جا شاندار لاڳاپا آهن، ڪنهن هڪ ملڪ طرفان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان فلسطين ??و مسئلو ختم نه ٿيندو، ان مسئلي جو حل پاڻ اسرائيل جي مفاد ۾ آهي، پ??ڪس??ان ۾ ميڊيا مڪمل آزاد آهي ۽ ايس??ائ??ن جو حڪومت ۽ وزيرن کي به ان کان تحفظ حاصل نه آهي، جيتري اسان جي حڪومت جي خلاف ميڊيا ۾ تنقيد ٿي ماضي ۾ ائين ناهي ٿيو، ڪجهه موقعن تي اسان جي خلاف ميڊيا جي ذريعي پروپيگنڊا ڪيو ويو، اسان جي ٻن سالن جي حڪومتي دور ۾ سڀ کان وڏي تبديلي اها آئي آهي ته پ??ڪس??ان ۾ ايليٽ ڪلاس کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو، اسان جي حڪومتي دور ۾ ڪرپشن جو ڪو به ميگا ڪيس سامهون ناهي آيو، هيٺين ??طح تي ڪرپشن جو اعتراف آهي تنهن هوندي به ان جي خاتمي جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. غير ملڪي ٽيلي ويزن چئنل الجزيره کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته پ??ڪس??ان جا چين ۽ آمريڪا سان بهترين لاڳاپا آهن، پ??ڪس??ان کي ڪنهن ڪيمپ جو حصو هجڻ جي ضرورت نه آهي، اسان هر ملڪ سان بهترين لاڳاپا ڇو نٿا رکي سگهون، وزيراعظم چيو ته اسان جو مستقبل چين ??ان جڙيل آهي جيڪو دنيا ۾ ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، هن 62 ارب ڊالر جي لاڳت جي اقتصادي لنگهه منصوبي جي شرطن ۾ ترميم لاءِ چين ??ان ڳالهين ??ي ترديد ڪندي چيو ته چين ??ان اسان جا لاڳاپا هن وقت پهر??ن کان بهتر آهن، وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته پ??ڪس??ان چين ??ي ترقي ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جي تجربن مان فائدو کڻدو، آمريڪا سان لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه سال اڳ جي ڀيٽ هن وقت آمريڪا سان اسان جا لاڳاپا بهترين ??هن، افغانستان ۾ اسان امن جا سهولتڪار آهيون، حڪومت افغانستان ۽ طالبان جي وچ ۾ مستقبل ۾ اقتدار ۾ حصيداري جي معاهدي جي حمايت جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته افغان جيڪو پنهنجي لاءِ بهترين ??مجهن ٿا اهو اسان جي لاءِ به سٺو هوندو، افغان امن ۾ افغانستان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو پ??ڪس??ان جو آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ 19 سالا جنگ ۽ قتل ۽ غارت کانپوءِ جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته اهو سڀ اچانڪ گڏجي رهڻ شروع ڪري ڇڏين ??ه منهنجي خيال ۾ اها صورتحال انتهائي ڏکي آهي، وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته پ??ڪس??ان طالبان ۽ افغان حڪومت کي ڳالهين ??ي ميز تي آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، دراصل هڪ معجزو آهي، عمران خ??ن چيو ته پ??ڪس??ان افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو.